تازه ترين

ٺٽي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس جي اڳواڻي ۾ کليل ڪچھري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٺٽي ۾ نگران  وڏي وزير جي ھدايت تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس جي اڳواڻي ۾ کليل ڪچھري لڳائي وئي.حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي شڪايتن جي حل لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميٽي پاران دربار هال مڪلي ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن پاران ايل پي آر، گريجوئيٽي، ڪميوٽيشن، فيملي پينشن ۾ دير ۽ پينشن ۾ واڌ واري رقم نه ملڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون.ان موقعي تي ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پينشنرز جا مسئلا ٻُڌڻ لاءِ سمورن ضلعن ۾ کليل ڪچھريون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ٽريزري آفيس جون شڪايتون ۽ پينشنرن کي پيش ايندڙ مسئلا حل  ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي تحريري هدايتون جاري ڪري سگهجن. هن چيو ته پينشنرن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون نوٽ ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان هڪ مناسب ميڪنزم جوڙيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون شڪايتون ۽ مسئلا پيش نه اچن.

ڊپٽي سيڪريٽري فنانس چيو تھ   پينشنرن کي بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 هن چيو ته ايل پي آر، گريجوئيٽي ۽ ڪميوٽيشن جي مد ۾ رھتون ادا ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي پاران سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته اهي مسئلا به جلد حل ٿي ويندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.5 ° C
32.5 °
32.5 °
13 %
2.3kmh
41 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون