- Advertisement -
برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلش ٽيم مقرر اوورن ۾ ستن وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون.
انگلش ٽيم طرفان ڪپتان جوز بٽلر 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ ولِ جيڪس 37، بيرسٽو 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، عماد وسيم ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
انگلش ٽيم طرفان مليل 184 رنسن جي حدف جي جواب ۾ قومي ٽيم 19 ڏهائي 2 اوورن ۾ 160 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
قومي ٽيم طرفان فخر زمان 45، بابر اعظم 32، افتخار احمد 23 ۽ عماد وسيم 22 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.
انگلينڊ طرفان ٽوپليَ 3، معين علي ۽ جوفرا آرچر 2-2، ڪرس جارڊن، عادل رشيد ۽ لوِنگ اسٽون هڪ هڪ شڪار ڪيو.
انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بلٽر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.- Advertisement -
