- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي ملازمن کي برطرف ڪيو ويو.
امريڪي اٽارني جنرل موجب، برطرف ملازمن اسپيشل ڪائونسل جيڪ اسمٿ سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهي، اهي امريڪي انصاف واري کاتي جا ملاز هئا.
وقتي اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايجنڊا تي عملدرآمد ۾ انهن ملازمن تي اعتبار نٿو ڪري سگھجي.
ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڳجهن دستاويزن جي مبينا غلط استعمال ۽ 2020 جي صدارتي چونڊن جي نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزامن جي پيروري خصوصي وڪيل جيڪ سمٿ استعيفى ڏني هئي.- Advertisement -
