ٽيڪس گڏ ڪرڻ وڏو چئيلينج آهي، اوڳاڙين جو حدف حاصل ٿيڻ بدان ڪرپشن، فراڊ ۽ لالچ جي نذر ٿي رهيو آهي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ وڏو چئيلينج آهي، اوڳاڙين جو حدف حاصل ٿيڻ بدان ڪرپشن، فراڊ ۽ لالچ جي نذر ٿي رهيو آهي، سزا ۽ جزا جي عمل سان قومون ٺهنديون آهن، ڀرپاسي جا ملڪ اڳتي ۽ پاڪستان ڪشتو کڻي پنندو رهي اهو ممڪن ناهي، کين پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻي پوندي، خلوص ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکي اڇي ڪاري کي الڳ ڪيو ويندو، فيصلائتو وقت اچي چڪو آهي، ملڪ جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ ايف بي آر آفيسرن جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ وڏو چئيلينج آهي، اوڳاڙين جو حدف حاصل ٿيڻ بدان ڪرپشن، فراڊ ۽ لالچ جي نذر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي جن ڪارڪردگي خراب آهي يا جن جي نگرانيءَ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايجنسين جي رپورٽن ۽ ايف بي آر جي اِن پـُـٽ تحت اڇن ۽ ڪارن کي ڌار ڪيو ويندو، پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اوڳاڙين جو حدف گهٽ هجڻ سبب هو قرض وٺڻ تي مجبور آهن. شهبازشريف چيو ته   ڀرپاسي جا ملڪ اڳتي ۽ پاڪستان ڪشتو کڻي پنندو رهي اهو ممڪن ناهي، کين پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻي پوندي، سزا ۽ جزا جي عمل سان قومون ٺهنديون آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو فرق پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج آهي، 750 ارب رپين جي سيلز ٽيڪس هڙپ ڪئي وئي آهي. شهباز شريف چيو ته فيصلائتو وقت اچي چڪو آهي، ملڪ جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي، 24 کرب هڙپ ڪيا پيا وڃن، رڳو 9 ارب خزاني ۾ جمع ٿي رهيا آهن. شهبازشريف چيو ته قابل آفيسرن کي سٺيون پگهارون ڏنيون پيون وڃن، محنت ڪندا ته هندستان کي به پوئتي ڇڏيو ويندو. وزيراعظم چيو ته روئڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، کين ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو، غلطيون هر جڳهه تي ٿيون هونديون پر انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
43%
1.4m/s
98%
ڇنڇر
19 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون