- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي عورتن خلاف ڊيجيٽل تشدد سميت هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، پ پ عورتن خلاف تشدد جهڙن ظلمن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين عورتون تشدد کي منهن ڏينديون رهنديون، ڪابه قوم ترقي نه ڪري سگهندي.
عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن تي تشدد چاهي جسماني هئي، نفسياتي، سماجي يا ڊيجيٽل، انساني وقار تي حملو ۽ معاشري جي اخلاقي ناڪامي آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن ته ڪنهن عورت تي تشدد ٿيندو آهي ته هڪ خاندان جو روح زخمي ٿيندو آهي ۽ قوم جو مستقبل ڪمزور پئجي ويندو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته هو تشدد جو نشانو بڻجندڙ عورتن جي حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا جنهن جي همت، انصاف ۽ سڌارن جو رستو روشن ڪندي آهي، انهن ڪارڪنن ۽ ادارن کي به سلام جيڪي عورتن جي تحفظ ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عورتن خلاف رشدد جي خاتمي سميت سندس حقن جي تحفظ لاءِ انقلابي قدمن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
هن چيو ته رياستي ادارن ۽ سياسي پارٽين سميت سمورا شهري عورتن جي تحفظ، فوري انصاف ۽ مددگار سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ متحد ٿي وڃن.- Advertisement -
