تازه ترين

پ پ  ۽ مسلم ليگ ن طرفان حڪومت ٺاهڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پ پ  ۽ مسلم ليگ ن طرفان حڪومت ٺاهڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. حڪومت سازي بابت مسلم ليگ ن ۽ پ پ اڳواڻن جي گڏيل ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ملڪ محمد احمد خان شرڪت ڪئي. پ پ طرفان مراد علي شاهه، قمر زمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ڪميٽي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ  پارٽي قيادت طرفان تجويز ڪيل نالن تي غور ويچار ڪيو. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته حڪومت ٺاهڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي صلاح مشوري سان تجويزون پارٽي قيادت کي پيش ڪندي  ڪميٽي جي سفارشن بابت قيادت ڪو قطعي فيصلو ڪندي. پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي ڪميٽين جي اجلاس دوران مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت مان ڇوٽڪاري لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين معاشي، سياسي، امن امان ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط جمهوري حڪومت کي وقت جي ضرورت هئڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين جي ڪميٽين وچ ۾ سڀاڻي هڪ وڌيڪ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي ٻين صوبن جا نمائندا شريڪ ٿيندا. اجلاس دوران اتفاق ڪيو ويو ته ٻين هم خيال سياسي پارٽين سان مشوري ذريعي معاملن کي قطعي شڪل ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
31 %
5.4kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون