- Advertisement -
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس به بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جيڪو صبح ساڍي يارهين وڳي ٻيهر ٿيندو.
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي اتحادي پارٽي بلوچستان عوامي پارٽيءَ آئيني ترميم بابت مسودو پيش ڪيو.
بلوچستان عوامي پارٽيءَ تجويز ڏني ته بلوچستان اسيمبليءَ جون سيٽون وڌايون وڃن، ججن جي مقرريءَ لاءِ ٽن بدران پنجن ججن جو پينل ڏنو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيوته خاص ڪميٽيءَ چئن پارٽين جو ڊرافٽ گڏ ڪيو آهي، بي اين پي ۽ بلوچستان عوامي پارٽيءَ به پنهنجا ڊرافٽ ڏنا آهن، پي ٽي آءِ جي چيف وهيپ عامر ڊوگر رابطو ڪيو ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
هن چيو ته عامر ڊوگر چيو ته هو آئيني ترميم تي پنهنجو اجلاس ڪري رهيا آهن، هڪ ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي….- Advertisement -
