- Advertisement -
پاڪ ايران ڇڪتاڻ واري معاملي بابت قومي سلامتي ڪميٽي ۽ نگران وفاقي ڪابينا جا ڌار ڌار اجلاس ٿي رهيا آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس 3 وڳي ٿيندو.
قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف، نيول چيف ۽ هوائي فوج جي سربراهه سميت ڳجهن ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيندا.
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ – ايران ڇڪتاڻ ۽ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي.
قومي سلامتي ڪميٽي امن امان جي صورتحال بابت اهم فيصلا به ڪندي.
نگران وفاقي ڪابينا اجلاس جي وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.
نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ هاڻي 2 وڳي بدران شام ساڍي پنجين وڳي ٿيندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سلامتي جي صورتحال بابت غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي فيصلن جي ڪابينا اجلاس ۾ منظور ڏني ويندي.- Advertisement -
