تازه ترين

پاڪ فوج اسپن بولدڪ ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 20 طالبان کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪ فوج اسپن بولدڪ ۾ افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 20 طالبان کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج طرفان بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي حملو ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڳوٺن ۽ معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن.

افعان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاڪ افغان دوستي گيٽ کي پنهنجي طرفان اڏائي ڇڏيو، اهڙو عمل سندس واپاري ۽ قبائلي لاڳاپن بابت ناپختي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي صورتحال ۾ اڃا به ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني ٻڌائي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته فتنه الخوارج ۽ طالبان وڌيڪ حملن جي تياري ۾ آهن ۽ اهي حملا اسپن بولدڪ تائين محدود نه بلڪ هڪ وڏي منصوبي جو حصو هئا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان جي ڪالهه رات ڪرم سيڪٽر تي حملي جي ڪوشش به ناڪام بڻائي.

آءِ ايس پي آر موجب جوابي حملي ۾ افغان طالبان جون 8 پوسٽون، 6 ٽينڪون به تباهه ڪيون ۽ 15 کان 20 طالبان ۽ فتنه الخوارج جا جنگجو مارجڻ جا اطلاع آهن.

آءِ ايس پي آر موجب اهو  چوڻ ته حملو پاڪستان شروع ڪيو اهو ڪوڙ آهي، طالبان حڪومت ڪوڙي دعويٰ ڪري رهي آحي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستاني هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري جي دفاع جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پاڪستان تي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون