تازه ترين

پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي

- Advertisement -
پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪري ورتي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 277 رنسن جي هدف پٺيان 183 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيوالڊ بريوس 54 ۽ ريان رڪلٽن 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ٻيو ڪوبه پروٽيز رانديگرن پاڪستاني بالرن اڳيان نه بيهي سگهيو. پاڪستان طرفان نعمان علي ۽ شاهين آفريدي 4-4 ۽ ساجد خان ٻن رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. نعمان علي کي پهرين اننگ ۾ 6 ۽ ٻي اننگ ۾ 4 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر اف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 378 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، امام الحق ۽ سلمان آغا 93-93، جڏهن ته شان مسعود 76 ۽ محمد رضوان 75 رنسون ٺاهي نمايان رهيا هئا. ڏکڻ آفريڪا طرفان مٿو سامي 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 269 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان کي 109 رنسن جي سرسي حاصل ٿي. ٽوني ڊي زور زي 104 ۽ ريان رڪلٽن 71 رنسون ٺاهي نمايان رهيو هو. پاڪستان طرفان نعمان علي 6، ساجد خان 3 ۽ سلمان آغا هڪ وڪيٽ ورتي هئي. پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 167 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، بابراعظم 42 ۽ عبدالله شفيق 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان مٿوسامي 5 ۽ سمن هائمر 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. اهڙي طرح پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 277 رنسن جو هدف ڏنو، بدلي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 183 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان 93 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
44 %
2.1kmh
3 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون