تازه ترين

پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي ۽ هاڪاري ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهي: نگران وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي ۽ هاڪاري ڀائيواريءَ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪي گڏجي دهشتگرديءَ خلاف ڊگهي جنگ ڪئي آهي، ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ڪيو وڃي،  خبر ناهي ته آءِ ايم ايف کي دشمن وانگر ڇو پيش ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، وسيلن ۽ خرچن ۾ توازن نه هئڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي.

هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان هاڪاري ۽ تعميري لاڳاپا آهن، ملڪن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف به رهندا آهن، هو ناڪاري توانائين تي يقين نٿا رکن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماحولياتي تباهي سان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ملڪ ۾ مسئلا وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي، پاڪستان جي عوام ۾ بحرانن مان نڪرڻ جي صلاحيت آهي، ڪوبه آمريڪا، يورپ يا ڪٿي به وڃي ٿو ته اها رڳو چئلينج ناهي هڪ موقعو به آهي، اهي ئي ماڻهو آهن جنهن جي پيسن سان ملڪ کي فائدو ٿيندو آهي، هي ماڻهو ٻين ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن لاءِ ڪمائيندا آهن.

هن چيو ته بهتر موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي پرڏيهه وڃڻ کي خراب نه سمجهيو وڃي، ڇا هي پهريون ڀيرو آهي ته نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا آهن؟، بلڪل نه، هر مهيني هر سال ماڻهو پرڏيهه وڃن ٿا جيڪو معمول آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سندس لاءِ اهم اهو آهي ته اوهان جتي به هجو ڪامياب ٿيو، جڏهن ته هي ماڻهو واپس ايندا آهن ته رڳو پيسا نه پر پيشوراڻي مهارت به آڻيندا آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
3.5kmh
5 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون