- Advertisement -
پاڪستان اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي قدمن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار گڏيل قومن ۾ اولهه ڪناري بابت اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطينين جي جبري بي دخلي قبولڻ جوڳي ناهي، هن اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
عاصم افتخار چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل کي عالمي قانون سان ڳنڍڻ گهرجي، اسرائيل جو ٽيڪس آمدني کي روڪڻ فلسطيني معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
مستقل نمائندي وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو واحد حل هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام آهي……..- Advertisement -
