پاڪستان جا ڪاروباري چاهين ٿا ته ڀارت سان واپار بحال ٿئي، پاڪستان ان جو جائزو وٺندو: اسحاق ڊار

- Advertisement -
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا ڪاروباري چاهين ٿا ته ڀارت سان واپار بحال ٿئي، پاڪستان ان جو جائزو وٺندو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ 16 مهينن جي حڪومت رڳو ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ هئي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنهنجو واعدو چڱي ريت پورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت چوندي هئي ته بارودي سرنگون وڇايون پيون وڃن، جن 24هين معيشت کي دنيا جي 47هين معيشت ۾ تبديل ڪيو انهن پاڪستان کي ٻوڙي ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي سفير پي ٽي آءِ سان ملاقات جي درخواست ڪئي ته ان جو فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت نه. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ چونڊن بابت ڊونلڊ لوءَ جي ڳالهه ڪا نئين ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي هئي ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ پارٽي 75 سيڪڙو سيٽون ڪيئن حاصل ڪيون؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 70 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون، چونڊن بابت جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته عدالتون ۽ ٽربيونل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڙيسري کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، کين پاڙيسرين سان گڏ رهڻو آهي، افغان پرڏيهي وزير عامر خان متقي سان ڳالهه ٻولهه دوران حملي جي خبر ملي ۽ افغان پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته حملي جو ذميوار گل بهادر گروپ آهي هن چيو ته افغانستان بامعنيٰ ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ پاڪستان گل بهادر گروپ خلاف ڪارروائي ڪئي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، ڪيمرون آسٽريليا جي دوري کان واپس اچي رهيو آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
32%
4m/s
6%
خميس
21 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون