تازه ترين

آئي ايم ايف جي مطالبي تي پھرين اپريل کان واپارين جي رجسٽريشن شروع ڪئي ويندي

آئي ايم ايف جي مطالبي تي پھرين اپريل کان واپارين جي رجسٽريشن شروع ڪئي ويندي.

عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي مطالبي تي روالپنڊي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي ڇهن شھرن ۾ پھرين اپريل کان واپارين جي رجسٽريشن شروع ڪئي ويندي .

واپاري دوست اسڪيم جي تحت ڪرياني اسٽور جا مالڪ پھرين اپريل کان اسلام آباد، ڪراچي، لاھور، ڪوئٽه ۽ پشاور کان رجسٽريشن ڪرائڻ شروع ڪندا ۽ انھن کان پھرين جولائي 2024 کان ٽيڪس وصول شروع ڪيو ويندو.

ايف بي آر آن لائن مارڪيٽ پليس پليٽ فارم کي ھن اسڪيم جي تحت ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪندي.

ايف بي آر جي اعليٰ عھديدار  دي نيوز جي رابطي ڪرڻ سان ٻڌايو    ته اسان جي خواھش آھي ته 10 لک ڪرايانه دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ جاري ٿيڻ واري ايس آر او ۾ ننڍا وپاري ۽ دڪاندارن جي لاءِ خصوصي طريقه ڪار تجويز ڪيو ويو آھي.

واپاري دوست اسڪيم جو اسڪوپ بيان ڪندي چيو ته اھا اسڪيم انھن شھرن جي سول علائقن يا ڇاڻوڻين جي حدن ۾ موجود  ھر دڪان، اسٽور، گودام، آفيس يا ڪنھن ٻي اھڙي ھنڌ لاءِ آھي، اھا اسڪيم انھن تي لاڳو نه ٿيندي، ڪمپنيون قومي يا بين القوامي چين جي اسٽور يونٽ ھجي.

واپاري دوست اسڪيم جي تحت ھر واپاري ۽ دڪاندار آرڊيننس جي شق 181 جي تحت رجسٽريشن جي لاءِ درخواست ڏيڻي ھوندي ۽ اھو 30 اپريل تائين ٽيڪس آسان ايپ جي ذريعي ڪري سگھجي ٿي گھٽ مان گھٽ ماھوار ايڊوانس ٽيڪس ھر شخص تي لاڳو ھوندو جيڪو ان جي آمدن جي حوالي سان ھوندو.

سالانه ايڊوانس ٽيڪس جيڪڏھن زيرو ھجي ته اھڙي شخص کي سالانه 1200 رپيا ادا ڪرڻا پوندا پر جيڪڏھن ڪنھن وجه سان ڪنھن شخص جي آمدن ٽيڪس ڇوٽ حاصل ته اھو ان تي لاڳو نه ٿيندو، جيڪڏھن ڪنھن شخص  پنھنجو ايڊوانس ٽيڪس گڏ ڏئي ڇڏي ته ان جي مجموعي ايڊوانس ٽيڪس 25 سيڪڙو گھٽ ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
38 %
3.8kmh
32 %
ڇنڇر
17 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون