تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان جي ڌرتي تي دهشتگردن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي ڌرتي تي دهشتگردن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، امن خراب ڪندڙ ڪنهن به ڪوشش جو زبردست طاقت سان جواب ڏنو ويندو،  دشمن عنصرن کي هو لوهي هٿن سان منهن ڏيندا، دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي ۽ ان کي هو انجام تائين پهچائيندا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينير پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس سڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف جاري ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب بريفنگ ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبرپخونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دشمن نفرت ۽ خوف جو ٻج ڇٽڻ چاهي ٿو، جنهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو فيصلائتو ۽ پوري قوت سان جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف،  هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي  مضبوط عزم ۽ بي مثال قربانين جي تعريف ڪئي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جا نيٽ ورڪ ۽  ڪڌا ارادا ناڪام بڻائيندڙ سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين تي کيس فخر آهي. جنرل عاصم منير چيو ته هو برائي خلاف متحد آهن، فورسز جي حوصلي ۽ عظيم قربانين ذريعي هنن پنهنجي سرحدن اندر ۽ ٻاهر دهشتگرد تنظيمن جي آپريشنل صلاحيتن کي ڪاميابيءَ سان ختم ڪيو آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج  محنت ۽ دهشتگردن جي اهم ليڊر کي ماريو، سندن بنيادي ڍانچو تباهه ڪيو ۽ سندن سيل بي اثر ڪيا. جنرل عاصم منير چيو ته ڪاررواين سان اهو پيغام ويو ته دهشتگردن لاءِ هن ڌرتيءَ تي ڪا به جاءِ ناهي، هيءَ جنگ جاري آهي ۽ ان کي هو انجام تائين پهچائيندا. آرمي چيف، زور ڀريو ته هر آپريشن  سڪيورٽي فورسز جي جرئت،  مهارت ۽ آپريشنل تياريءَ جو ثبوت آهي. جنرل عاصم منير واضح ڪيو ته امن خراب ڪندڙ ڪنهن به ڪوشش جو زبردست طاقت سان جواب ڏنو ويندو،  دشمن عنصرن کي هو لوهي هٿن سان منهن ڏيندا. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جا جواب  قوم جي خودمختياري جي تحفظ جي عزم تي ثابت قدم رهندا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف، مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪي پي جي سياستدانن سان ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙ دهشتگردي جي لعنت خلاف هڪ سياسي آواز ۽ عوامي حمايت جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب سياسي نمائندن دهشتگرد گروپن خلاف هڪ متحد محاذ جي ضرورت تي اتفاق پڻ ڪيو. ان کان اڳ خيبرپختونخوا آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور، آرمي چيف جي آجيان ڪئي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون