- Advertisement -
پاڪستان رمضان المبارڪ دوران غزا ۾ مڪمل جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا ۾ معصوم شهرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ڪري شهرين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ سياسي ڳالهين جو نائون دور اسلام آباد ۾ ٿيو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن سميت مختلف شعبن جي سمورن رخن جائزو ورتو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هو غزا ۾ معصوم شهرين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪن ٿا، غزا جي متاثرن کي فوري امداد ۽ طبي سهولتون ڏنيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، غزا تي اسرائيلي حملن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هو غزا ۾ رمضان المبارڪ دوران فوري جنگبندي جو مطالبو ڪن ٿا، ڪشميرين کي جعلي مقابلن ۾ شجيد ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، والاريل ڪشمير ۾ حريت قيادت تي ظلم بند ڪيو وڃي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم جو نوٽيس وٺي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري حق لاءِ حمايت جاري رکندا، پاڪستان ڀارت کان قيد ۽ نظر بند ڪشميري اڳواڻن جي آزادي مطالبو ڪري ٿو.
ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان جده ۾ پرڏيهي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي آجيان ڪري ٿو، تنزانيه پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي.- Advertisement -
