تازه ترين

پاڪستان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پولنگ واري ڏينهن دهشتگرديءَ کان بچڻ لاءِ موبائل فون سروس بند ڪئي، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن جي بيانن جو نوٽيس ورتو ويو آهي، بيان لکين پاڪستانين جي ووٽ جي حق کي قبول نه ڪري رهيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته عام چونڊن تي مختلف ملڪن ۽ تنظيمن طرفان بيان ڏنا ويا، هو حيران آهن ته بيانن ۾ ناڪاري تاثر ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هي ماڻهو چونڊ عمل جي مونجهارن کي نٿا ڄاڻن، هي بيان ان ترديد نه ٿيڻ جوڳي حقيقت کي نظر انداز ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۾ چونڊون پرامن ۽ ڪاميابيءَ سان ڪرايون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چونڊن دوران پاڪستان سنگين سڪيورٽي خطرن کي منهن ڏنو آهي، ڪجهه بيان حقيقت تي ٻڌل به نه هئا، پولنگ ڏينهن ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند نه هئي رڳو موبائل سروس دهشتگردي جي واقعن کان بچڻ لاءِ بند ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو جيڪي خدشا ظاهر ڪري رهيا هئا اهي سب غلط هئا، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي تعمير جي عزم تحت چونڊ ڪرائي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هو پنهنجي دوستن جي بهتر مشورن کي اهميت ڏيندا آهن پر چونڊ عمل جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ناڪاري تبصرو ڪرڻ بي بنياد ۽ صحيح ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون