پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرائڻو پوندو : چيف جسٽس

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته منشيات ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح ڪارا شيشا لڳائي وڏين وڏين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻي دنيا ۾ ڪٿي ڪو ناهي گهمندو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ چوري جي الزام ۾ نامزد جوابدار ڪاشف جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سڄي ملڪ ۾ منع ٿيل هٿيار جي ڪيترا لائسنس جاري ٿيا ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کان سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا. عدالت گهرو سيڪريٽري، سمورن صوبائي گهرو سيڪريٽرين ۽ آءِ جي پوليس کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اٽارني جنرل، صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪندي حڪمنامي جي ڪاپي اماڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن جي گهر مان هٿيار چوري ٿيا، پوليس ان کان لائسنس به ناهي پڇا ڪئي، مالڪ پاڻ ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي، 2 ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل سميت ٻيون قيمتي شيون چوري ٿيون. چيف جسٽس چيو ته کيس به آڇ ڪئي وئي ته اوهان ڪلاشنڪوف جو لائسنس وٺي ڇڏيو، منشيات ۽ ڪلاشنڪوف ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ڪارا شيشا لڳائي وڏين وڏين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻي دنيا ۾ ڪٿي ڪو ناهي گهمندو. عدالت چوري ۾ نامزد جوابدار ڪاشف جي 50 هزار رپين جي ڪاغذن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون