تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دشمن جي ايجندا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگرد ۽ سندن مددگارن کي رياست اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا: آرمي چيف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري  دشمن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگردن، سندن مددگارن ۽ همٿائڻ وارن کي رياست  آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا، امن لاءِ ڏنل قربانيون ضايع نه ٿينديون.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي ان علائقي شيروانگي جو دورو ڪيو، جتي پاڪ  فوج ڇهه جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل جوانن جي عيادت ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب  آرمي چيف کي سڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته شهيد سندن فخر آهن، پاڪستان ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام جي بحالي تائين سندن قربانيون ضايع نه وينديون.

هن چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري دشمن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا.

ڏکڻ وزيرستان پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جنرل عاصم منير جو آڌرڀاءُ ڪيو

سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪندڙ دشمنن کي بخش نه ڪيو ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
24 %
4.5kmh
98 %
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون