پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان چيو آھي تھ ڀارت ۾ ورلڊڪپ کٽڻ لاءِ ذھني طور مضبوط رھڻو پوندو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان چيو آھي تھ ڀارت ۾ ورلڊڪپ کٽڻ لاءِ ذھني طور مضبوط رھڻو پوندو.

شاداب خان ھڪ انٽرويو ورلڊڪپ جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تھ ڪنھن بھ رانديگر لاءِ ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ وڏو اعزاز آھي، ھو ان کان اڳ ڀارت ڪڏھن بھ نھ ويو آھي.

ھن چيو تھ ٽيم ۾ موجود گھڻا رانديگر اڳ  ڪڏھن بھ ڀارت نھ ويا آھن، کين اندازو آھي تھ اتي تماشائين جي سپورٽ حاصل نھ ھوندي.

شاداب خان جو چوڻ ھو تھ ورلڊڪپ ۾ شامل سموريون ٽيمون ڪپ کٽڻ لاءِ اينديون آھن، ڪنھن بھ ٽيم کي ڪمزور نھ ٿو سمجھي سگھجي.

واضح رھي تھ ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو ۽ آءِ سي سي حتمي شيڊول بھ جاري ڪري ڇڏيو آھي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 14آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ مئچ کيڏي ويندي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
40%
1.1m/s
0%
جمعو
20 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون