- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ٻنهي ڌرين ۾ سومر يا اڱاري تي اسٽاف ليول معاهدي جو امڪان آهي، حڪومت آءِ ايم ايف کي بجليءَ جا اگهه وڌيڪ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، جنهن سان پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاشي جائزي جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب، حڪومت آءِ ايم ايف کي بجلي جي قيمتن ۾ بر وقت واڌ جو يقين ڏياريو آهي، جنهن بعد پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاسٽ ريڪوري لاءِ مهيني، ٽن مهينن ۽ سالياني ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي، ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ معيشيت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، بي آءِ ايس پي تحت فائدو حاصل ڪندڙن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ حڪومت جون تائين بي آءِ ايس پي مان فائدو وٺندڙن جو انگ جون تائين وڌائڻ جو يقين ڏياريو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته معاشي استحڪام جي تسلسل لاءِ ضروري سڌارا جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف کان سخت مانيٽري پاليسي ۽ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ پاليسي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڳالهين جي ڪاميابي تي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي جنهن جي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون آسان رهيون پر آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شيڊول ناهن.- Advertisement -
