تازه ترين

پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باضابطا رابطو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باضابطا رابطو ٿيو آهي. گڏيل قومن  جي اهتمام هيٺ افغان ڪانفرنس ۾ شريڪ افغان وفد پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي، افغان وفد جي ڀارتي وفد سان اڳ ئي ملاقات ٿي هئي. پاڪ افغان وفدن جي ملاقات قطر ۾ پاڪستان سفير جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي آصف دراني ۽ افغان طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجود هو. پاڪستاني سفير افغان وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو. پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي، امن جي خواهش ٻنهي طرفن کان آهي. ذريعن موجب دوحا ۾ پاڪ افغان وفدن جي ملاقات هاڪاري رهي، افغان وفد ڪانفرنس ۾ افغان موقف جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
32 %
3.6kmh
86 %
خميس
29 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون