- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
وزيراعظم شهبازشريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اها اڳڀرائي سعودي عبر ۽ پاڪستان وچ ۾ اٺن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ڀائيواري، ڀائيچاري ۽ اسلامي ٻڌي جي مضبوط رشتي کي ظاهر ڪري ٿي.
اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪ جي گڏيل اقتصادي مفادن تي ٻڌل آهي ۽ جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ آهي.
فريم ورڪ تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ڪيترن جي اسٽريٽجڪ ۽ اعليٰ اثرن وارن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
اقتصادي فريم ورڪ جي ترجيحي شعبن ۾ توانائي، صنعت، کاڻ کوٽڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ شامل آهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب هن وقت ڪيترن ئي گڏيل اقتصادي منصوبن ۾ سهڪار تي ڪم ڪري رهيا آهن.
سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ بجلي جي پهچ واري منصوبي لاءِ مفاهمتي يادداشت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيح به گڏيل منصوبن ۾ شامل هي.
اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪ جي قيادت ۽ عوام جي اميدن جي ترجماني ۽ گڏيل مفاد پورا ڪرڻ واري خواهش کي ظاهر ڪري ٿو، ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينشن ڪائونسل جي اجلاس ڪرائڻ جا به منتظر آهن- Advertisement -
