تازه ترين

پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو

- Advertisement -
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان رحيم يار خان ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي سهڪار، علائقائي استحڪام، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن کي هٿي وٺرائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ گڏيل عرب امارات جي اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم توانائي، ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي تعمير، نوجوانن ۾ صلاحيتون ۽ پيشوراڻي تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپار جهڙي شعبي  ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستاني معيشيت مستحڪم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي متحرڪ قيادت جي ساراهه ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان، پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ڀائيواري کي وڌائڻ لاءِ عزم ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف، ڏکئي وقت ۾ خاص طور اقتصادي سهڪار ۾ گڏيل عرب امارات جي حمايت تي شيخ محمد بن زيد النيهان جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون