پاڪستاني امن جٿن جي مهارت جو ڀارتي فورس ڪمانڊر پاران اعتراف

- Advertisement -
پاڪستاني امن فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جو ڀارتي فورس ڪمانڊر طرفان اعتراف ڪيو ويو، اِهو اعتراف آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي هڪ خط جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني امن دستا ڏکڻ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان ڏنل مئنڊيٽ تحت امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ لاءِ فرض انجام ڏيئي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خط ۾ ڀارتي جنرل آفيسر پاڪستاني امن فوجين جي پيشيوراڻي مهارت، محنت ۽ اڻ کٽ ارادي جي واکاڻ ڪئي، ڀارت جنرل آفيسر، برگيڊيئر شفقت اقبال جي سيڪٽر ڪمانڊر طور ڪردار جي ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارتي جنرل آفيسر لينفٽيننٽ ڪرنل شهباز اسلم جي ڪمانڊنگ آفيسر طور ڪردار جي به خاص طور تي واکاڻ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستاني بليو هيلمٽ سهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ منجهيل ۽ چيلنجنگ آپريشنل ماحول ۾ ڏکيا ڪم ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون