تازه ترين

پرويز الاهيءَ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ تي لاهور هائيڪورٽ آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ تي لاهور هائيڪورٽ آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پرويز الاهيءَ جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس امجد رفيق  ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم تي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور  عدالت آڏو پيش ٿيو.

هائيڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگشن ڪٿي آهن؟ جنهن تي آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪراچي ۾ آهن.

عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان کي گهرائڻ جو مقصد حقيقتون سامهون آڻڻ آهي،  جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته اسلام آباد پوليس جو ذميوار هو ناهي، جيڪڏهن سندس آفيسر توهين عدالت ڪئي ته ذميوار هوندو. لاهور هائيڪورٽ، آءِ جي اسلام آباد کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا، جسٽس امجد رفيق چيو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اٽڪ جيل مان پرويز الاهيءَ کي وٺي اڱاري ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿئي، جيڪو سمجهي ٿو ته ڪارروائي ختم ٿي وئي ته اها ان جي ڀل آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون