پشاور هائيڪورٽ ، تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس

- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ ، تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت جو چوڻ آهي ته ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل نه ٿيندو، موڪلن کانپوءِ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. پشاور هائيڪورٽ ۾  پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. پشاور هائيڪورٽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندا تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. پشاور هائيڪورٽ جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم موجب انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي، اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اختيار ناهي. عدالت چيو ته فيبروري ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن، چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي آخري تاريخ 13 جنوري آهي. پشاور هائيڪورٽ چيو ته ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل نه ٿيندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي چيو ته موڪلن کانپوءِ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. پشاور هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب پڻ طلب ڪري ورتو  آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون