- Advertisement -
پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحادي پيپلزپارٽي جي ميمبرن پاران وزيراعلي مريم نواز جي رويي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ممتاز علي چانگ تقرير ڪندي چيو ته پيلزپارٽي حڪومت جي اتحادي جماعت آهي .پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت خلاف غيرجمهوري ٻولي استعمال ڪئي.
هن چيو ته پ پ قيادت جي چوڻ تي اسان مريم نواز کي ووٽ ڪيو . اڄ مريم نواز پنجاب جي حقن جي ڳالھ ڪندي اهو وساري ويهي ٿي ته ڏکڻ پنجاب جو عوام پاڻي چڪي لاءِ سڪي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڻي ۽ پئسو مريم نواز جي ذاتي ملڪيت ناهي اها پنجاب جي 13 ڪروڙ عوام جي امانت آهي .
ممتاز چانگ چيو ته رحيم يارخان ضلعو ڌاڙيلن حوالي ٿيل آھي، ڏکڻ پنجاب کي ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارليماني اڳواڻ کان مريم نواز جي چوڻ تي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، طالبان ۽ شدت پسندن پاران ڌمڪيون ملڻ تي عدالت جي حڪم تي کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي .
سندس چوڻ هو ته مريم نواز سيڪيورٽي واپس وٺي عدالتي حڪمن جي توهين ڪئي آهي.
ممتاز چانگ چيو ته وزيراعلي لاڙڪاڻي ۽ نواب شاھ جو نالو وٺي پ پ قيادت تي تنقيد ڪئي آهي، نواب شاھ صدر آصف زرداري جو شهر آهي.لاڙڪاڻو سندن قيادت جو ضلعو آهي جتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ,شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ,شهيد مرتضي ڀٽو ,شگيد شاهنواز ڀٽو ۽ جمهوريت جا شهيد دفن ٿيل آهن.
هن چيو ته سندن قيادت جمهوريت ۽ ملڪ جي بقا لاءِ جانين جي قرباني ڏئي تاريخ رقم ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته هنن جنرل ضياءَ، پرويز مشرف ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو مقابلو ڪيو .اصولن ۽ عوام جي ڀلي لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ دير نه ڪندا .
ممتاز چانگ چيو ته سندن حڪومت کي تجويز آهي ته حريف سياسي جماعت سان سياسي ڊائيلاگ ڪري ملڪ کي سياسي بحران مان ٻاهر ڪڍيو وڃي .
هن چيو ته وزيراعلي مريم نواز جي آمراڻي رويي خلاف احتجاجي طور اسيمبلي ڪاروائي جو واڪ آئوٽ ڪن ٿا ۽ مريم نواز توڙي نوازليگ جي قيادت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارٽي قيادت خلاف ڪنهن به صورت ۾ تنقيد برداشت نه ڪبي.- Advertisement -
