- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري، سهيل آفريدي کي فرشي وڏو وزير قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سهيل آفريدي پرچي نه فرشي وڏو وزير آهي، سندس ڳالهيون کل جوڳيون آهن، هڪ وڏو وزير ڊي نوٽيفاءِ ئي نه ٿيو آهي ته ٻي جي چونڊ ڪئي وئي آهي؟ ڪي پي ۾ وڏي وزير جي جعلي اليڪشن ٿي آهي، پاڪ فوج افغانستان کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته علي امين گنڊاپور ٻن عورتن جي ويڙهه ۾ سياسي طور قربان ٿيو.
سندس چوڻ هو ته سهيل آفريدي چيو ته هو پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي آيو آهي، جنهن تي کل اچي پئي، هڪ وڏو وزير ڊي نوٽيفاءِ ناهي ٿيو ته ٻيو ڪئين اچي ويو؟.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته ڊي نوٽيفاءِ کانسواءِ وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني آهي، نئين وڏي وزير صوبي جي ترقي بابت هڪ لفظ نه ڳالهايو.
عظميٰ بخاري چيو ته سهيل آفريدي پرچي نه فرشي وڏو وزير آهي، سندس ڳالهيون کل جوڳيون آهن…….- Advertisement -
