پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي: مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي،  قانون تي عمل ٿي رهيو آهي ته ٿورو انتظار ڪرڻ گهرجي، ڪامياب اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ٿيڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن به هن معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي، کين پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون تي عمل ٿي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي، آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي لسٽ جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري وزيراعظم کي اماڻيندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر کي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون