پوليس جا شهيد صرف هڪ کاتي جا نه پوري قوم جا هيرو ۽ شهيد آهن: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قومي تاريخ امن امان جي قيام ۽ استحڪام لاءِ پوليس اهلڪارن جي بي مثال قربانين جي لازوال داستانن سان ڀريل آهي، پوليس جا شهيد رڳو کاتي جا ناهن سڄي قوم جا هيرو ۽ شهيد آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا ۽ سندس خاندانن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ بابت پوليس جي اهميت ۽ ڪليدي ڪردار تي ڪي به 2 راءِ ناهن، پ پ جي صوبائي حڪومت سنڌ ۾ پوليس جي شهيد جي خاندانن ۽ زخمين لاءِ امدادي رقم ۾ اضافو ڪيو آهي.

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت طرفان شهيدن ۽ زخمي اهلڪارن لاءِ کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن، ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي بعد ٺهندڙ پ پ حڪومت پوليس کاتي کي جديد سهولتون فراهم ڪندي ۽ پوليس اهلڪارن جي ڀلائي لاءِ به وڌيڪ قدم کڻند.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
34%
1.8m/s
1%
آچر
16 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون