تازه ترين

پي ايس ايل 10 جي ٻِن ميچن کي ري شيڊيول ڪيو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان هلندڙ پي ايس ايل 10 جي ٻن ميچن جو شيڊيول مٽايو ويو آهي، ملتان ۾ پوندڙ گرمي کي ڏسندي ان قسم جو فيصلو ڪيو ويو آهي،
10 مئي تي ملتان ۾ رٿيل ميچ هاڻي پهرين مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊئم ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
قذافي اسٽيڊئم ۾ هاڻي پهرين مئي تي 2 ميچون ٿينديون، پهرين ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جي وچ ۾ منجھند 3 وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته رات جو 8 وڳي لاهور قلندرز جو مقابلو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان ٿيندو.شيڊيول ۾ تبديلي فرنچائزن جي صلاح مشوري کانپوءِ ڪئي وئي آهي.لاهور ۾ هاڻي پهرين مئي تي هڪ ئي ٽڪيٽ ۾ شوقين 2 ميچون ڏسي سگھندا، جڏهن ته ملتان ۾ پهرين مئي جي ٽڪيٽ خريد ڪندڙن کي پيسا ريفنڊ ڪيا ويندا.
ان کان علاوه 10 مئي تي ملتان ۾ رٿيل ڊي ميچ هاڻي 11 مئي تي رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ملتان سلطانز جي ميچ هاڻي 11 مئي تي ٿيندي،
10 مئي جي ٽڪيٽ خريد ڪندڙ هاڻي 11 مئي تي ميچ ڏسي سگھندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون