تازه ترين

پي ايس ايل جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زلمي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگھي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان سپر ليگ سيزن 10 جي 29هين گروپ ميچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمی کي 26 رنسن تان هارائي پلے آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

پنڊي ۾ مينهن سبب ٽاس دير سان ٿي، برسات متاثر ميچ 13_13 اوورن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ پشاور زلمی ٽاس کٽي فِيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

قلندرز کي بيٽنگ ۾ شاندار شروعات ملي ۽ صرف 3 اوورز ۾ بغير ڪنهن وڪيٽ جي نقصان جي 49 رنسون ٺهيون. فخر زمان 60 رنسن جي ڌماڪيدار اننگز کيڏي، لاهور مقرر 13 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 149 اسڪور ڪيون. زلمی کي ميچ کٽڻ لاءِ 150 رنز جو هدف مليو.

پشاور طرفان احمد دانيال، رضا ۽ ڊينيئل ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

جواب ۾ زلمی جي اننگز شروعات کان ئي مشڪلات جو شڪار رهي. 20 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب ۽ 35 جي مجموعي اسڪور تي محمد حارث پويلين واپس ويا. اسڪور 53 رنسن تي مَس پهتو ته پشاور جي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي. ڊينيئل سيمز 26 ۽ احمد دانيال 24 رنسون اسڪور ڪيون  پر ٽيم 13 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي صرف 128 اسڪور ئي ڪري سگهي.

قلندرز لاءِ سلمان مرزا چار، شاهين شاهه آفريدي ٻه، جڏهن ته سڪندر رضا ۽ حارث رؤف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون