تازه ترين

سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي : جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

- Advertisement -
جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. دارتي هائوس مان جاري ٿيل چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ فرمان کي رد ڪيون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڇهه ڪينال مڪمل طور سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهن، اسان انهن کي ڪينالن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا سنڌو درياهه مان نڪرندڙ صرف هڪ ڪينال جي 176 ڪلوميٽر ڊيگهه، 300 فوٽ ويڪر، 150 فوٽ اونهائي آهي، هڪ ڪينال 48 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو، اهڙا ٻيا پنج ڪينال هوندا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين کي آباد ڪندا جيڪڏهن سنڌو درياه مٿان ڇهه ڪينال ٺاهيا ويا ته سنڌ کي پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ملندو، ايستائين جو زمين جو جر به زهريلو ٿي ويندو، جنهن ڪري ماڻهن سان گڏ جانور به پاڻي ڦڙي لاءِ سڪندا، سنڌ کي بنجر بڻائڻ لاءِ سنڌو درياه مان ڇھ ڪينال ڪڍي سنڌي عوام کان جيئن جو حق کسيو پيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو منظور ناهي، سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهڻ خلاف جسقم پوري سنڌ ۾ مختلف تاريخن تي احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي، 29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ احتجاج ڪيو ويندو جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي اوڏيرولال ۾ شاهنواز شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام هر صورت ۾ سنڌو درياهه مٿان ڇهن ڪينالن کي رد ڪري ٿي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪينال ڪڍڻ نه ڏنا ويندا، اوڏيرولال جي مختلف ڳوٺن حسين شاه فاضلاڻي، تاج محمد بلوچ، حاجي محمد واڍيلو، الھ بچايو شاہ پهچي عوام کي دعوت ڏني، ان موقعي تي سيد شاهنواز شاھ، باغي ڪالرو، الطاف بجاراڻي، هاشم بلوچ، سچيڏنو ساھووال ۽ ڪائونسلر مراد شهداد بلوچ به ساڻس گڏ هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون