- Advertisement -
پنجاب پوليس پي ٽي آءِ باني جي وڪيل انتظار پنجوٿا کي پوليس مقابلي کانپوءِ بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي.
حسن ابدال ۾ پنجاب پوليس سان مقابلي ۾ مبينا اغوا ڪار گاڏي ۽ مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب، بازياب مغوي جي سڃاڻپ انتطار پنجوٿا جي نالي طور ٿي جيڪو پي ٽي آءِ باني جو وڪيل به آهي.
ترجمان موجب، پوليس حسن ابدال ۾ ناڪا بندي تي شڪي گاڏي کي روڪيو، جنهن ۾ اغوا ڪار گينگ هڪ مغوي کي کڻي وڃي رهيا هئا.
پوليس ترجمان موجب، گاڏي ۾ سوار اغوا ڪارن پوليس تي ڇتي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هو مغوي ۽ گاڏي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
اٽڪ پوليس موجب، مغوي انتظار پنجوٿا کي حفاظت سان تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
ٻئي پاسي بازياب وڪيل انتظار پنجوٿا جو چوڻ آهي ته کيس 2 ڪروڙ ڀنگ خاطر اغوا ڪيو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته کيس 8 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو مارڪٽ به ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته اغوا ڪار پاڻ ۾ پشتو ۾ ڳالهائيندا هئا انهن جي ڪابه ڳالهه کيس سمجهه ۾ نه ايندي هئي.- Advertisement -
