تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پي ٽي آءِ باني جي ڪيس ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اهو اسان جو مسئلو ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چونڊيل نمائندن کي ٻين تي تنقيد بدران پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ اختلاف ختم ڪرڻ  جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ڪيس ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اِهو سندن مسئلو ناهي، نفرت جي سياست بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، عوام نفرت واري سياست ۾ دلچسپي نه ٿو رکي اهو مسئلن جو حل چاهي ٿو، 6 مهينا گذرڻ باوجود ڪابينا سست نظر اچي رهي آهي، وڏي وزير کي سختي ڪرڻي پوندي، مقررين ۽ بدلين واري سياست بند ٿيڻ گهرجي، هر ڇهن مهينن بعد هو ڪابينا جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، وزيراعظم شهباز شريف سنڌ سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ صوبي جا فنڊ جاري ڪيا وڃن. ڪراچيءَ ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ ڪابينا جي وزيرن کي نرم لهجي ۾ ڇنڊ پٽندي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته 6 مهينا گذرڻ باوجود ڪابينا سست نظر اچي رهي آهي، وڏي وزير کي وزيرن سان سختي ڪرڻي پوندي، مراد علي شاهه چيڪ ڪري ته وزير آفيس اچن ٿا يا نه؟ عوام کين مينڊيٽ ڏنو آهي ته کين ڊليور ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عوام کي وفاق جي نفرت واري سياست  ۾ڪا به دلچسپي ناهي، اهو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ باني ڇا پيو ڪري ان سان سندن ڪو به تعلق ناهي، کين عوامي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، هو سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي رپورٽ وٺندو، هر ڇهن مهينن ۾ هو ڪابينا جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندو. پ پ چيئرمين چيو ته عوام کي پيپلزپارٽيءَ ۾ تاريخي اميدون آهن، پارليامينٽ ميمبرن کي فعال ٿيڻو پوندو، هڪٻئي جي تڪرارن ڀلي اهي تڪن جا جهيڙا هجن يا ڪو ٻيو سبب هجي ان سان پارٽي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي نقصان نه پوڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته  هاڻي کين بدلين مقررين واري سياست ختم ڪرڻي پوندي. پ پ چيئرمين چيو ته اسلام آباد ۾ نفرت جي سياست هلي رهي آهي، جنهن سبب سمورون ملڪ مايوسي آهي، وڏي وزير سان پنجن ورهين جو پروگرام شيئر ڪيو آهي، ان تي عمل ڪرائڻ پهرين ترجيح آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ پيسا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي،  کيس خبر آهي ته وزيراعظم شهبازشريف پنهنجا واعدا پورا ڪندو. پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ پوليس تي ڀروسو آهي، ان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، اميد ته نئون گهرو وزير  ڏوهاري گروپن کي ٽارگيٽ ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن کي سياسي مخالفن خلاف ڪاررواين لاءِ استعمال ڪيو ويدنو آهي، سنڌ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي پر وفاق طرفان فنڊ نه ملڻ سبب اهو متاثر پيو ٿئي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون