تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ لکت مطالبا حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا، ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو

- Advertisement -
حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين اجلاس ۾ تحريڪ انصاف لکت ۾ مطالبا حڪومت حوالي ڪندي ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽين جو ٽيون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. حڪومتي ڪميٽي ۾ عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار شامل آهن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان عمر ايوب، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، علامه ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا ڪميٽي جو حصو آهن. تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب، لکت ۾ مطالبا قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي پيش ڪيا. مخالف ڌر جي مطالبن جي مسوري تي ڇهن ڪميٽي ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن. مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪيون وڃن، ڪميشن جي ججن جي مقرري تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي راضپي سان ستن ڏينهن ۾ ڪئي وڃي. لکت واري مطالبن موجب، ڪميشن پي ٽي آءِ باني جي نو مئي بابت گرفتاري جي جاچ ڪري، اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ رينجرز ۽ پوليس داخل ٿيڻ جي جاچ ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ نو مئي واقعن جي سي سي ٽي وي وڊيو جي جاچ ڪئي وڃي. مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته  9 مئي سان لاڳاپيل ميڊيا تي سنسرشپ لڳائي وئي ۽ صحافين کي هيسايو ويو، ڪميشن سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ڊائون جي جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي. لکت واري مطالبن موجب، ٻئي جاچ ڪميشن 24 کان 27 نومبر جي واقعن، اسلام آباد ۾ مظاهرين تي فائرنگ ۽ طاقت جي استعمال جو حڪم ڏيندڙن جي سڃاڻپ، شهيدن ۽ زخمين جي انگ تي اسپتال ۽ ميڊيڪل سهولتن جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ جي جاچ ڪري. مخالف ڌر جي مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکياين ۽ ميڊيا سنسر شپ جي واقعن جي جاچ ڪري. لکت واري مطالبن موجب، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سميت سنڌ توڙي بلوچستان حڪومتون سمورن سياسي قيدين کي ضمانت يا سزائن جي معطلي جا حڪم جاري ڪن، ٻنهي ڪميشن جي ڪارروائي عوام ۽ ميڊيا لاءِ کليل هئڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون