تازه ترين

پي ٽي آءِ پاڪستان خلاف مهم هلائڻ بعد وائکي ٿي چڪي آهي : عون چوڌري

- Advertisement -
استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي اڳواڻ عون چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان خلاف مهم هلائڻ بعد وائکي ٿي چڪي آهي، پي  ٽي آءِ نوجوانن کي گمراهه نه ڪري، هِنن جو مقصد رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، ٻاهر ويهي ادارن خلاف مهم نه هلائي وڃي. اسلام آباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عون چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ وارا محب وطن هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اندران ملڪ دشمن آهن. هن چيو هت پي ٽي آءِ وارا ملڪ خلاف مهم هلائڻ تي وائکا ٿي چڪا آهن، هٿياربند فوج خلاف ڪريل مهم هلائي وئي، پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن يهودين سان گڏجي پاڪستان خلاف سازش ڪئي. عون چوڌري چيو ته کين خبر آهي ته لنڊن ۾ ويٺل ماڻهن کي پيسا ڪير ڏئي رهيو آهي، يو اين جي ڪنهن ورڪنگ گروپ کي خط لکيو ويو اهو هڪ سيمي ادارو آهي،  جناح هائوس ساڙڻ تي پي ٽي آءِ قيادت کي معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ آمريڪا ۾ 2016ع ۾ پي آر فرم هائر ڪئي، جنهن کي زلفي بخاريءَ متعارف ڪرايو، جنهن کي چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني کي وڌائي پيش ڪرڻو آهي، هو پڇي ٿو ته فرم کي ڏيڻ لاءِ پيسا ڪٿان آيا؟ عون چوڌري چيو ته پي  ٽي آءِ نوجوانن کي گمراهه نه ڪري، هِنن جو مقصد رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، ٻاهر ويهي ادارن خلاف مهم نه هلائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون