- Advertisement -
پير جو ڳوٺ ويجهو هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻارڙيءَ جو گٽر مان لاش
ڇنڇر ڏينهن شاهپور پاڙي مان گم ٿي ويل ڏيڍ سال جي ميشل راجپوت جو لاش گٽر ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش گٽر مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ هو ته ڇنڇر ڏينهن ٻارڙي گهر کان ٻاهر نڪري وئي جنهن جو اڄ گٽر مان لاش هٿ آيو آهي.
هنن چيو ته پيرڳوٺ شهر جا اڪثر گٽر کليل آهن،جنهن ۾ ٻارڙن جو ڪرڻ معمول بڻيل آهي.
ٻارڙي جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
