- Advertisement -
پير ڳوٺ ويجهو گهر مان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي گهرڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي صدر جي ڀٽيون ۾ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي، گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا.
هٿياربندن مزاحمت ڪرڻ تي گهر ڌڻي 45 ورهين جي رٽائرڊ فوجي ضمير جوڻيجو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ وارثن مقتول جو لاش کڻائي پير ڳوٺ جي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
