- Advertisement -
پيروسڻ واسي نوجوان ڪراچي ۾ فيڪٽري اندر گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
پيروسڻ واسي نوجوان علي گوهر مجيداڻو ڪراچي ۾ فيڪٽري اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو آھي.
نوجوان علي گوھر مجيداڻو ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ نگينا فيڪٽري ۾ بورچي طور ملازمت ڪندو ھو.
اڄ صبح رڌڻي اندر ماني پچائڻ دوران گئس سلينڊر ڦاٽي پيو جنھن سبب نوجوان علي گوھر فوت ٿي ويو.
نوجوان جي موت جي خبر ڳوٺ پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو.- Advertisement -
