- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اميد آهي ته پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي.
نوابشاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو مستقبل روشن آهي.
اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪنهن به پارٽي عوام دوست منشور ناهي ڏنو.
هن چيو ته اميد آهي ته پيپلزپارٽي عام چونڊ ۾ ڪلين سويپ ڪندي.
آصف زرداري چيو ته پ پ عوام دوست منشور ڏنو آهي، اميد آهي ته پ پ هن ڀيري وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.- Advertisement -
