پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان کي ڇٽل ڪارتوس قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پيپلز پارٽي مولانا فضل الرحمان کي ڇٽل ڪارتوس قرار ڏئي ڇڏيو، فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي رٿ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو مولانا فضل الرحمان حاصل ڪيو، اتحادي حڪومت ۾ فائدا وٺڻ کانپوءِ مولانا کي هاڻي زيادتي ياد آئي آهي، مولانا ٻڌائي ته پ پ کي پي ڊي ايم مان ڪنهن جي چوڻ تي نيڪالي ڏني وئي، مولانا فضل الرحمان سياست ۾ ڇٽل ڪارتوس بڻجي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ۾ سياسي اتحاد تي ڪو به اعتراض ناهي، ڏسڻو آهي ته ٻنهي پارٽين جا ورڪر ڇاٿا ڪن؟. سندس چوڻ هو ته اليڪشن ٿي وئي هاڻي حڪومت ٺاهڻ جو مرحلو جاري آهي، گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ وڏي تبديلي ڏسڻ لاءِ ملي، جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ملاقات ٿي اها وڏي سياسي تبديلي هئي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جيڪڏهن اهو ڪم ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪري ها ته اڄ وڊيو هلن ها، سڄي ڳالهه آهي پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏ ٿيون آهن. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو مولانا فضل الرحمان حاصل ڪيو، اتحادي حڪومت ۾ فائدا وٺڻ کانپوءِ مولانا کي هاڻي زيادتي ياد آئي آهي، مولانا ٻڌائي ته پ پ کي پي ڊي ايم مان ڪنهن جي چوڻ تي نيڪالي ڏني وئي، مولانا فضل الرحمان سياست ۾ ڇٽل ڪارتوس بڻجي ويو آهي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلزپارٽي وزيراعظم لاءِ شهباز شريف کي ووٽ ڏيندي پر ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري جلد صدر لاءِ پنهنجي اميدوار جي نالي جو اعلان ڪندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جو اعلان جلد بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، هو پارليامينٽ ۾ ويهي تنقيد براءِ تنقيد نه ڪندا. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهن ٿا، سياست ۾ مولانا فضل الرحمان اچي نه رهيو آهي وڃي رهيو آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون