- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام بهائينڊ دي نيوز ۾ اينڪر شڪيل سومري سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي سنڌ جي ماڻهن جي جذبن جو احساس آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو پارليامينٽ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته صدر ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ضرور ڪئي هوندي پر قطعي فيصلو نه ڪيو آهي، قطعي فيصلو پارليامينٽ ڪندي آهي.
نثار احمد کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ تي موقف ڏيڻ وڏي وزير ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير جي ذميواري آهي.
پ پ سنڌ جي صدر چيوته ڪالاباغ ڊيم رٿا سخت جدوجهد ڪئي ۽ جنهن ڪري اها رٿا رد ٿي، ارسا ايڪٽ به منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو.- Advertisement -
