- Advertisement -
ٿر ۾ برساتن دوران کنوڻن کان بچاءُ لاءِ قدم نه کڻڻ تي ذميوار عملدارن کي عدالت طلب ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان وڪيل پرمانند راٺوڙ ڏيپلي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت اينگرو ڪمپني، سائينو سنڌ ڪمپني جي عملدارن ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي طلب ڪري ورتو آهي
عدالت پاران ٿرپارڪر جي ضلعي چيئرمين، ڏيپلو ۽ ڪلوئي جا اسسٽنٽ ڪمشنر به طلب ڪيا ويا آهن
ڏيپلو ٽائون چيئرمين، ٽائون آفيسر ۽ يوسيز جا سيڪريٽريز به عدالت طلب ڪيا ويا آهن.
ڏيپلو جي عدالت سمورن ذميوار عملدارن کي 16 آگسٽ تي گھرائي ورتو آهي
وڪيل پرمانند راٺوڙ جو چوڻ آهي ته کنوڻ ڪِرڻ جي تازن واقعن سبب 8 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، ٿر ۾ ستن سالن ۾ 165 انساني جانيون کنوڻ ڳڙڪائي وئي.
وڪيل پرمانند راٺوڙ چيو ته انتظاميا کنوڻن کان بچاءُ لاءِ ارٿ راڊون لڳائڻ سميت قدم نه کنيا آهن.
- Advertisement -
