ڀارت ۾ اڳوڻي حڪومت جي دور جو افغان سفارتخانو سيپٽمبر 2023ع جي آخر ۾ بند ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو.
افغان سفارتخاني جي عملي ڀارت ۾ افغان سفارتخانو جيڪو اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مقرر عملي سان آباد هو سيپٽمبر جي آخر ۾ بند ڪرڻ بابت ڀارتي پرڏيهي وزير کي خط لکي ڇڏيو.
عملي هندستانين جي سفارتي ڪم ۾ سهڪار نه ڪرڻ، سفارتخاني کي باءِ پاس ڪرڻ ۽ افغانستان سان سڌو سنئون رابطن جو سبب ٻڌايو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2021ع ۾ آءِ اِي اَي جي ڪابل تي قبضي کان 3 هزار شاگرد هاڻي به پنهنجي ويزان جي انتظار ۾ آهن جنهن ڪري سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي، افغان مريض جيڪي ڀارت آيا هئا اهي به پريشاني جو شڪار آهن ان لاءِ عملو هاڻي سفارتخانو بند ڪري رهيو آهي.
خط ۾ چيو ويو ته ڪنهن به قم افغانين کي ايتري تيزي سان ناهي ڇڏيو جيترو هندستانين ڇڏيو، ڀارت هاڻي مختلف ذريعن ۽ طريقن سان نئي عبوري حڪومت تائين پهچ حاصل ڪري رهيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اصل چئلينج ڀارتي ميڊيا ۾ آءِ اِي اَي کي ڪهڙي طرح پيش ڪرڻ ۽ ٻي پاسي آءِ اِي اَي ڀارت اندر مسلمانن جي خراب حالت بابت ڪهڙو رويو اختيار ڪري ٿو.
