تازه ترين

ڄامشورو ۾ پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

- Advertisement -
ڄامشورو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، مختلف ٿاڻن جي حد مان 11 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وڏي  مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي طارق نواز جو چوڻ آهي ته ڄامشورو، کاڻوٺ، سائيٽ ايريا، جهانگارا ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروشن خلاف ڇاپا هڻي ڪاروايون ڪيون ويون. سندس چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران 11 منشيات فروش کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ رشيد، راجو، ڪالاش، سوجن، نظير علي، امداد حُسين، شهاب ميمڻ، فرمان علي ۽ خادم حسين شامل آهن. هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان آئيس، چرس، ڪچو شراب، مين پوڙي، گٽڪي جو را مٽيريل هٿ ڪري لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ضلعي پوليس مسلسل منشيات خلاف ڪارروايون ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
42 %
1.1kmh
0 %
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون