ڄامشورو ۾  ڪي بي فيڊر ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ نه اچي سگهيو

- Advertisement -
ڄامشوري ۾  ڪي بي فيڊر ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ نه اچي سگهيو آهي، وارثن پاران واهه ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. 10 سالن جي گڏي چانڊيو جي لاش جي  20 ڪلاڪن کان ڳولا جاري آهي. وارثن پاران اعجاز چانڊيو جي اڳواڻي ۾  ڪي بي فيڊر جي پاڻي جي سطح گهٽ ڪرائڻ لاءِ لمس اسپتال جي گيٽ آڏو  ڌرڻو هنيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته واهه ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري لاش ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪي بي فيڊر ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن ٻارڙي جو لاش ڳولي سگهجي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي 5 ٻارڙا ٻڏي ويا هئا، چئن کي بچايو ويو هو، جڏهن هڪ نينگري هٿ نه آئي هئي، جنهن جي لاش جي ڳولا جاري آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
47%
1.5m/s
0%
جمعو
14 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون