تازه ترين

چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي: نگران وزيراعظم

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، اهو سندن  مينڊيٽ ناهي، ڪو ڪم دير سان ٿيڻ جي نتيجي ۾ غير آئيني نه هوندو آهي،  پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير نگران حڪومت کان اڳ جو معاملو آهي، ملڪ ۾  عبوري جمهورت آهي، مضبوط ناهي،  نگران حڪومت آئيني نموني قائم ڪئي وئي آهي، عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي، هڪ ٻئي جي سياسي نظرين جو احترام ڪرڻو پوندو، افغان پناهگيرن کي ملڪ مان نه پيو ڪڍيو وڃي، غيرقانوني طور رهندڙن کي نڪرڻ جو چيو ويو آهي، ڪو به ملڪ ۾ بنا دستاويزن کي ڪنهن کي رهڻ جي اجازت ناهي ڏيندو. اسلام آباد ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪو ڪم دير سان ٿيڻ جي نتيجي ۾ غير آئيني نه هوندو آهي، عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي تاريخ ڏيڻ جا اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهن. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير نگران حڪومت کان اڳ جو معاملو آهي، ملڪ ۾  عبوري جمهورت آهي، مضبوط ناهي،  نگران حڪومت آئيني نموني قائم ڪئي وئي آهي، عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته اظهار جي آزاديءَ جون به ڪي حدون هونديون آهن، هڪ ٻئي جي سياسي نظرين جو احترام ڪرڻو پوندو. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته افغان پناهگيرن کي ملڪ مان نه پيو ڪڍيو وڃي، غيرقانوني طور رهندڙن کي نڪرڻ جو چيو ويو آهي، ڪو به ملڪ ۾ بنا دستاويزن کي ڪنهن کي رهڻ جي اجازت ناهي ڏيندو. هن چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ملندي، قانونسازي پارليامينٽ جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته نوجوان قوم جو اثاثو آهن، تعصب جا مٿانهون ٿي ملڪ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
62 %
1.1kmh
27 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون