- Advertisement -
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انجنيئرنگ فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر الطاف سيال کي ٽن مھينن لاءِ زرعي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي منظوري بعد يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ عارضي وائس چانسلر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
نئين وائيس چانسلر جي مقرري تائين ٽن مھينن لاءِ ڊاڪٽر الطاف سيال وقتي وائيس چانسلر طور چارج سنڀالي ورتي.
چارج سنڀالڻ بعد زرعي يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن پاران وقتي وائس چانسلر کي مبارڪبون پڻ ڏنيون ويون- Advertisement -
